سامتاڻي گُنو

سامتاڻي گُنو

گنو سامتاڻي

سامتاڻي، گُنو: سنڌ ۽ هند جي نامور اديب گُني سامتاڻيءَ، 1934ع ڌاري حيدرآباد ۾ جنم ورتو، پر جلد ئي ورهاڱي سبب، 13 سالن جي عمر ۾کيس پنهنجي ڌرتيءَ کي ڇڏي، هندستان جي شهر بمبئيءَ ۾ رهائش پذير ٿيڻو پيو. هي اڳتي هلي ممبئيءَ جهڙي اهم شهر ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽريءَ جي وڏي عهدي تائين پهتو.گُني پسند جي شادي ڪئي، پر اولاد ڪو نه ٿيس، هڪ پٽ گود ورتائين، جنهن کي نپائي، پڙهائي، اعليٰ عهدي تي پهچايائين. گني سامتاڻي، هند جي سنڌي اديبن ۾ وڏو نالو ڪڍيو. کيس مقامي هندي ادب سان گڏ انگريزي ادب جو وسيع مطالعو هو. هو سنڌيءَ جو ٽرينڊ سيٽر ڪهاڻيڪار هو. گني سامتاڻي، لعل پشپ ۽ موهن ڪلپنا جي ادبي ٽمورتي مشهور رهي آهي. گني جون ڪهاڻيون هندستان جي ڪيترين ٻولين ۾ به ترجمو ٿيون آهن. سندس پهرئين ڪتاب ’اپراجتا‘ جو پهريون ڇاپو، هڪ مهيني ۾ وڪرو ٿي ويو. هيءُ ڪتاب مشهور اديب، موهن ڪلپنا ڇپايو هو. گني سامتاڻيءَ تمام ٿورو لکيو، پر ايترو مطالعي وارو هو، جو همعصر سندس تنقيد ۽ تبصري کي وڏي اهميت ڏيندا هئا. گني سامتاڻيءَ جيتوڻيڪ يورپي ادب جو وسيع مطالعو ڪيو، پر هن جي ڪهاڻين تي بنگالي افسانوي ادب جو اثر هو. سندس زندگيءَ ۾ ٻه شخصي حوالا نهايت اهم آهن، هڪ سندس ذهانت ۽ ٻي نفاست، هندستان جي نامور اديب لعل پشپ لکيو آهي ته، ”گُني سامتاڻيءَ جا پير کير سان ڌوتل محسوس ٿيندا آهن“.گُني سامتاڻيءَ جا ٽي ڪتاب سندس زندگيءَ ۾ ڇپيا: (1) اپراجتا، (2) ايمان ۽ (3) واپسي (ناول) انهن ڪتابن جي بنياد تي هن جو قد جديد سنڌي ادب ۾ تمام مٿانهون ٿيو. سندس اثر هيٺ وڏو ادبي حلقو پيدا ٿيو، جن ۾ پرم ابيچنداڻي، هريش واسواڻي، هيرو شيوڪاڻي، آنند کيماڻي، شيام جئسنگهاڻي، وشنو ڀاٽيا ۽ نامديو تاراچنداڻي اچي وڃن ٿا. گنو سامتاڻي ورهاڱي ۾ وطن کان وڇڙڻ جي ڪري نهايت تلخ رهيو. ان ڪري ئي سندس سنڌ جي تمام ٿورن اديبن سان دوستي ۽ لکپڙهه رهي. مدد علي سنڌيءَ جي ڪتاب ’دل اندر درياهه‘ ۾ سندس هڪ خط ڇپيل آهي. گُنو سامتاڻي هندستان ۾ جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو باني هو. سنڌي ٻوليءَ جي هن نامور ڪهاڻيڪار، 16 آگسٽ 1997ع تي وفات ڪئي.


لفظ گنو سامتاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1997.08.16  عيسوي

سنڌ ۽ هند جي نامور اديب گُني سامتاڻيءَ، 1934ع ڌاري حيدرآباد ۾ جنم ورتو، پر جلد ئي ورهاڱي سبب، 13 سالن جي عمر ۾کيس پنهنجي ڌرتيءَ کي ڇڏي، هندستان جي شهر بمبئيءَ ۾ رهائش پذير ٿيڻو پيو. هي اڳتي هلي ممبئيءَ جهڙي اهم شهر ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽريءَ جي وڏي عهدي تائين پهتو. سنڌي ٻوليءَ جي هن نامور ڪهاڻيڪار، 16 آگسٽ 1997ع تي وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بادام ناتوان
عنايت الله زنگيجو
غلام حسين شيخ
خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي
پروين موسيٰ ميمڻ
عبدالله خان مگسي
ديوان ننديرام
علي بابا
عباسي محمد عثمان چنيهه
رفيق احمد مڱريو ڊاڪٽر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون